ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪاروباري طبقي جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، ڪ??روبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان ??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ۽ ڪاروباري طبقي جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ميري ٽائيم افيئر وارو وفاقي وزير عل?? زيدي، وفاقي وزير فيصل واوڊا، سنڌ جو گورنر عمران ??سماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به موجود هئا. وفد ۾ آصف اڪرام، نجيب بلگموالا، اعظم فاروق، بشير عل?? محمد ، فيصل مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد عل?? تابا شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 جي وبا جي حوالي سان ڪامياب حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاروباري طبقي کي مراعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران ??ان چيو ته ڪاروباري طبقو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري، ڪ??روبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان ??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.