اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پريس آفيسرن کي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ??رڻ لاءِ سچي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊيل آفيسر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن جيڪو ملڪي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرين ملڪ نون م??رر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي قدمن ۽ ملڪي تشخص کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ??رڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪردار حاضر دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ميڊيا جي رجحانن کي اختيار ڪندي ادا ڪرڻو پوندو.