اسلام آباد – 20 ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪو به ماڻهو آئيني حدون ٽپندو آهي يا قان??ن جي حدن کا?? ٻاهر ويندو آهي ته ان شخص جي حوالي سان قانون حرڪت ۾ ايندو آهي، آئين ۽ قان??ن جي دائري ۾ رهندي حڪومت خاص عد??لت جي جج جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ وڃي رهي آهي، وفاقي حڪومت ادارن کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪاري فراهم ڪندي رهندي، پاڪستان ڪنهن قسم جي افراتفري، قياس آرائي، مبالغه آرائي يا عالمي سطح تي ڪنهن منفي تاثر جي سٽ سهي نٿو سگهي، پاڪستان جي سرحدي صورتحال ۽ اندروني بحران جي صورتحال هڪ ئي خاڪي جو حصو آهي. هو اي پي پي هيڊڪوارٽر ۾ مسيحي ملازمن طرفان ڪرسمس ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.