اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پا??ان داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار موجب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پا??ان سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ??ائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته شڪايتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار موجب اڪلايو ويو ?? نه ئي مناسب سطح تي انهن جي ??زالي لاءِ ڪو ف??صل?? ??يو ويو.