رياض -13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان جي مرڪز برائي امداد ۽ انساني خدمت بردار ۽ دو??ت ملڪن لاءِ رمضان جي آمد تي کارڪن جي ورهاست واري پروگرام جي شروعات ڪئي آهي، چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن جا تحفا ڏنا ويندا. سعودي ??اب??و اداري مطابق شاهه سلمان مرڪز جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه گادي واري شهر رياض ۾ کارڪ تحفا پروگرام جو افتتاح ڪندي چيو ته هن جو ملڪ گذريل سالن ??وران عالمي سطح تي انسانيت ??واز امداد فراهم ڪرڻ واري 5 وڏي ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته گذريل سال سعودي عرب عالمي ترقياتي امداد فراهم ڪرڻ وارن ۾ سرفهرست رهيو. ڊاڪٽر عبدالله الربيعه چيو ته کارڪن جا تحفن جو پروگرام مملڪت جي نخلستانن جي ڪاميابي، برادر ۽ دو??ت ملڪن سان محبت جي علامت آهي چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن جا تحفا ڏنا ويندا، انهن ملڪن جو واسطو ايشيا، آفريقا، ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ سان آهي.