GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ناڪاميون پي ٽي آءِ جو مقدر بڻجي ويون آهن، جلسي بابت وڏيون ڊاڙون هنيون ويون، پورو زور لڳائڻ باوجود جلسي لاءِ ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيا، عوام کين رد ڪري ڇڏيو: عطا الله تارڙ

image

لاهور-21 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ناڪاميون پي ٽي آءِ جو مقدر بڻجي چڪيون آهن، لاهور جلسي بابت پي ٽي آءِ وڏيون ڊاڙون هنيون ۽ پورو زور لڳائڻ باوجود اهي، ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيا، عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جلسي بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ لاهور جلسي جي حوالي سان وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون ۽ ڊاڙون هنيون، جهڙي طريقي سان سندن اسلام آباد جو جلسو فلاپ ٿيو اهڙي طرح لاهور جو جلسو به فلاپ ٿي چڪو آهي. هنن اسلام آباد جلسي دوران چيو هو ته اسان پوري تياري سان لاهور اچي رهيا آهيون، خبردار ۽ هوشيار جا نعرا هنيا ويا، اڄ لاهور جو هر روڊ کليل هو، پشاور کان علي امين گنڊاپور لاهور لاءِ روانو ٿيو ته ايم ون کان ايم ٽو موٽر وي تي آيو، ڪنهن جڳهه تي ڪا رڪاوٽ نه هئي، اٽڪ ۽ ميانوالي سميت ٻين علائقن کان جلسي لاءِ روٽ کليل رکيو ويو، ايتري تياري ۽ وقت ملڻ بعد به اهي پورو زور لڳائي سڄي ملڪ مان ڪجهه ماڻهن گڏ ڪري سگهيا. هن چيو ته مهانگائي 9.6 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، انهن جا پنهنجا ماڻهو مڃين ٿا ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، 2018ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي 4 سيڪڙو تي هئي جيڪا پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڊبل ڊجٽ تي وئي. هن چيو ته اهي ڪهڙي ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيا آهن، رستا خالي آهن، رستا کليل آهن، اسان کين فري هينڊ ڏنو ته اوهان اچو ۽ جلسو ڪريو، کين جلسي گاهه فراهم ڪيو، سيڪيورٽي فراهم ڪئي، سمورين سهولتن باوجود اهي ناڪام رهيا. هن چيو ته اڄ دنيا جا وڏا مالياتي ادارا چئي رهيا آهن ته پاڪستان جي معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آهي، اڄ بلومبرگ ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي ايمرجنگ مارڪيٽس ۾ شمار ٿئي ٿي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏٺي وئي آهي، فچ ۽ موڊيز جي ريٽنگ بهتر ٿي آهي، مهانگائي ۾ صرف گهٽتائي ناهي ٿي پر اسان جي روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو ۽ وياج جي شرح گهٽ ٿي، پاليسي ريٽ هيٺ آيو، اهو ئي سبب آهي ته عوام سندن جلسي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ بنيادي طور تي ڊنل آهن ۽ چاهين ٿا ته هي ملڪ ترقي نه ڪري، هنن آءِ ايم ايف کي خط لکيو، ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ جون دعائون ڪندا رهيا، آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيا، ڇاڪاڻ ته سندن خواهش هئي ته معيشت ترقي نه ڪري، انهن جي هميشه کان خواهش رهي آهي ته ملڪ ۾ تباهي، بربادي ۽ گهرو ويڙهه پکيڙي وڃي، اهي ترقي جي سفر کي روڪڻ چاهين ٿا.وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور جيڪا زبان استعمال ڪئي ان کانپوءِ هن چيو ته اسان پنجاب وڃي رهيا آهيون، پنجاب جا ماڻهو مهمان نواز آهن، پنجاب پنهنجي روايت قائم رکي، اڄ پنجاب جا سمورا رستا کليل رهيا، کين سيڪيورٽي به ڏني پرا افسوس جو هنن جيتريون وڏيون ڳالهيون ڪيون ۽ ڳالهه اها ئي ٿي کوٽيو جبل نڪتو ڪوئو، اهو به مئل. وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور کي ٻه ڀيرا ناڪامي ٿي چڪي آهي، کين جلسي جي اجازت ڏني وئي، سيڪيورٽي ڏني وئي، جلسي جو هنڌ ڏنو ويو، سموريون سهولتون ڏنيون ويون پر پوءِ به ناڪام ٿيو. وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور ٻيو ڀيرو ناڪام جلسو ڪيو آهي، اوهان ڪهڙي ڳالهه جا وزيراعليٰ آهيو ته اوهان هر محاذ تي ناڪام ٿي رهيا آهيو. اوهان پنجاب سان ڀيٽ نه ڪريو، الله جو شڪر آهي ته مريم نواز پنجاب اندر صحت، تعليم، انفرا اسٽرڪچر سميت هر شعبي ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي، هو هڪ مناسب انتظامي انفرا اسٽرڪچر آندوآهي، پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا هلي رهيا آهن، مريم نواز پنهنجي گورننس اندر اعليٰ معيار قائم ڪيو آهي، پوري دنيا ڏسي رهي آهي ته هو ڪهڙي طريقي سان نوان منصوبا آڻي رهي آهي، هو پنهنجي صوبي جي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ منصوبا شروع ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پنهنجي عوام تي ڌيان ڏي، ڀڀڪيون هڻڻ بند ڪري، بدتميزي ۽ بدزباني ڇڏي ۽ عوام جي خدمت ڪري. وفاقي وزير چيو ته لطيف کوسا طرفان ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ مذمت جوڳو آهي، هڪ سينئر وڪيل کي زيب نٿو ڏي ته هو چيف جسٽس خلاف غلط ٻولي استعمال ڪري، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، اهو توهين عدالت جي برابر آهي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي ۽ ان جا اثرپاڪستان ۾ عوام تائين پهچن. هن چيو ته انشاءُ الله معيشت ٽيڪ آف ڪندي، هر شهري خوشحال ٿيندو، هڪ مستحڪم پاڪستان اسان جو عزم آهي، عزم استحڪام اسان جو ويزن آهي، ملڪ ۾ به امن قائم ڪنداسين ۽ معيشت کي به ترقي ڏينداسين. اسان جي معيشت ايندڙ وقتن ۾ دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ شامل ٿيندي ۽ بهترين ملڪن جي معيشتن جي برابر بيهندي.

مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں