حيدرآباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ ٽن ڏينھن وارو ڏھون اياز ميلو شروع ٿي ويو، ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ ربن ڪٽي ميلي جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو، ڏھين اياز ميلي جا انيڪ، سياسي، سماجي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي رنگ نکري پيا، مختلف ويھڪن ۾ بحث مباحثا، شيخ اياز کي شاندار لفظن سان ڀيٽا پيش. خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي طرفان ٽن ڏينھن وارو اياز ميلو حيدرآباد ۾ شروع ٿي ويو آھي. سنڌ جي ثقافت کاتي واري وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، امر سنڌو، عرفانه ملاح، مونس اياز، حسين مسرت ۽ ٻين سان گڏجي ربن ڪٽي باضابطه افتتاح ڪيو ۽ سنڌ ميوزم ۾ قائم ٿيل ظفر ڪاظمي آرٽ گئلري ۾ تصوري، چترڪاري نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي ڏھين اياز ميلي جي افتتاحي سيشن ۾ صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ھزارين سالن جي تھذيب رکندڙ صوفين جي سرزمين آھي. سنڌ سڄي دنيا کي پيار محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آھي. ھن چيو ته اياز ميلو نه رڳو سنڌ جو پر ملڪ جو سڀ کان وڏو ميلو آھي. ھن اياز ميلي ۾ سڄي ملڪ مان اديب دانشور آيا آھن. اياز کي نوجوانن کي پڙھڻ گھرجي. ھن چيو ته سنڌ ۾ ميلن کي وڌيڪ مچائينداسين. ھن چيو ته اياز ميلي جي بجيٽ لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلينداسين. اميد ته ايندڙ سال بجيٽ ۾ اياز ميلي جي بجيٽ رکي ويندي. ھن چيو ته اياز ميلي ۾ ڏيهھ پرڏيھه مان آيل اديبن ۽ دانشورن کي ڀليڪار ڪيان ٿو. ھن چيو ته ثقافت کاتو سنڌ جي ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي. اياز ميلو منھنجو پنھنجو سنڌ جو ميلو آھي. اياز ميلي جي اڳواڻ امر سنڌو آجياڻو ڏيندي چيو ته ھي ڏھون اياز ميلو شروع ٿي رھيو آھي. اياز ميلو سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ادبي شعور جو مرڪز آھي. جنھن سان سنڌ جو سماجي بيانيو پيش ڪندا آھيون ته سنڌ ڪھڙي ھجڻ گھرجي. ھن چيو ته اياز ميلو شعور ۽ سنڌ جي تعمير روادار سنڌ جو ميلو آھي. ھن چيو ته اياز ميلي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان اديب، دانشور، ليکڪ آيا آھن. بجيٽ گھٽ ھجڻ باوجود اسان ان ئي جذبي سان اياز ميلو مچايو آھي. ھن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي ته اياز ميلي لاءِ ھر سال بجيٽ ۾ رقم رکي وڃي.
ملڪ جي نامياري دانشور ڊاڪٽر ناظر محمود چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ انتھاپسندي جي ھڪ لھر ھلي رھي آھي، ان صورتحال ۾ سنڌ جي شعور کي اھو سوچڻ گھرجي ته سنڌ سميت ملڪ کي انتھاپسندي مان رواداري طرف ڪيئن وٺي اچجي. ھن چيو ته سنڌ ۾ ڄام نندي جو دؤر رواداري جو شاھڪار دؤر ھو، ھن چيو ته ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي دؤر ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ملي ۽ ان دؤر ۾ شاھ لطيف انتھاپسندي خلاف لکيو. شاھ لطيف جي شاعري ۾ عالم سڀ آباد ڪرين جو دنيا کي پيغام ڏئي انتھاپسندي کي رد ڪيو. ھن چيو ته ڪجهه ماڻھو اياز ميلي خلاف مھم ھلائن ٿا. اھا ثقافتي انتھاپسندي آھي. ھتي رڳو مذھبي انتھاپسندي ناھي پر سماجي، سياسي ۽ ثقافتي انتھاپسندي به آھي. اسان کي انتھاپسندي جي اھڙين سمورين صورتن سان وڙھڻو پوندو. ھن چيو ته معاشري ۾ قدامت پرستي به مڙھيل آھي. ھن چيو ته بنياد پرستي ۽ قدامت پرستي سان به وڙھڻو پوندو. انتھاپسندي سان عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو. غير مسلم ماڻھن کي ڪافر قرار نه ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته رياست ۽ رياست جي عملدارن ترقي پسند روشن خيال سوچ جي علمبردارن کي ڏاڍ جو نشانو بڻايو آھي.
نامياري ليکڪه ۽ ڊرامه نگار نور الھدي شاھ چيو ته ميلا ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آھن. اياز ميلي جو سنڌ کان ٻاھر ملڪ ۽ پرڏيھ ۾ ذڪر ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته ھن وقت سنڌ جي بقاءَ جو مسئلو آھي. ڌرتي ۽ پاڻي جو مسئلو اسان جي بقاءَ جو مسئلو آھي. سنڌو درياھ جا رستا روڪي اسان جي نسلن کي تباھ ڪيو پيو وڃي. مسلمانيت جي نالي ۾ ويڙھايو ۽ ورھايو پيو وڃي. ھن چيو ته رواداري اسان وٽ خواب آھي ۽ تلخ حقيقت انتھاپسندي آھي. سنڌ مُلڪ ۾ واحد آھي جنھن انتھاپسندي خلاف مزاحمت ڪئي آھي. 1947ع کان وٺي سنڌ رياست جي پسنديده نه رھي آھي، ڇو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم وٽ انتھاپسندي ناھي. ان وٽ رواداري آھي. ھن چيو ته اسان جي ڏاهپ ۽ شعور گھڻو ڪجهھ ڪري سگھي ٿو. اياز ميلي ۾ ٻيو سيشن ڊائلاگ وٿ ھسٽري ڪتاب تي ٿيو. جنھن ۾ ڪتاب جي ليکڪ زاھد حسين، ناظر محمود ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۽ واقعن تي تفصيلي گفتگو ڪئي. سيشن جو ماڊريٽر جاويد سومرو ھو .