GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڌرائي، پارلياماني ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

image

اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس ملڪ جي سمورين وحدتن جي اسيمبلين جي گڏيل طور پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي، 23 نڪاتي فيصلن سان گڏيل پڌرائي ۾ پارلياماني قدرن کي هٿي ڏيڻ، قانونسازي ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر قدمن، آئين جي بالادستي، پارلياماني نظام ۾ شفافيت، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونسازي ۽ عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ پارلياماني ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. اسپيڪرز ڪانفرنس دهشتگردي، ڪوڙين خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي ناڪاري رجحانن خلاف موثر قدمن، ڀارتي ڏاڍ هيٺ والاريل ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ، عورتن ۽ ٻارن جي مسئلن لاءِ مضبوط پارلياماني فورمز جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو. پڌرائي ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاونت لاءِ واڌ ڏيڻ ۽ اسپيڪرز ڪانفرنس جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ مظفرآباد ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻن ڏينهن واري 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿي. اجلاس ۾ سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينٽر اعظم نذير تارڙ، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه، آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري مجيد اڪبر، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر خان سواتي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان شرڪت ڪئي. سمورن اسپيڪرز طرفان گڏيل طور تي منظور ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام جمهوريت جي حاصلات ۽ هڪ وفاقي اسلامي جمهوري پارلياماني ۽ جديد ترقي پسند فلاحي رياست جي قيام لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي، جتي شهرين جا حق محفوظ آهن ۽ صوبن جو وفاق ۾ برابري جو حصو آهي. هي فورم اقرار ڪري ٿو ته آئين ۽ قرارداد تحت هڪ پارلياماني نظام ۾ رياستي اختيار صرف ۽ صرف عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي کي استعمال ٿي سگهن ٿا. هي فورم سفارش ڪري ٿو ته صوبائي حڪومتن جي قاعدن ۽ ضابطن کي آئيني اصولن سان هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن انتظاميه جي اسيمبلي آڏو جوابدهي، لاڳاپيل وزارتن تي پارليامينٽ جي آئيني گرفت ۽ مينڊيٽ جي احترام کي يقيني بڻائي سگهجي. پارلياماني ادارن تي عوامي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ قانونسازي جي عمل ۾ احتساب ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. انتظاميه ۽ عوام وچ ۾ بااعتماد رابطي لاءِ پارليامينٽ کي پنهنجي قانونسازي، نگراني ۽ نمائندگي جي اختيارن جي موثر استعمال ذريعي عوامي مسئلن جي وڪالت جي ذميواري ادا ڪري ٿي. فورم سياسي ميدان ۾ جذباتيت جي رجحان سبب ملڪي سياست ۾ توهين جوڳي زبان جو استعمال، جعلي خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي الزام تراشي سان ٽڪراءُ ۽ انتقامي سياست تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قرار ڏنو ته تهذيب، شائستگي ۽ اختلاف راءِ جي احترام جي ڪلچر جو خاتمو پارلياماني قدرن کي مجروح ڪري ٿو، ويڇي کي هوا ڏي ٿو ۽ تعميري سرگرمين کي روڪي ٿو. گڏيل مسئلن کي منهن ڏيڻ، قومي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ سماجي انصاف جي اصولن جي اجتماعي بالادستي قائم رکڻ لاءِ وفاق ۽ صوبائي قانونساز ادارن وچ ۾ تعاون کي بنيادي اهميت حاصل آهي. فورم قرار ڏنو ته موسمياتي تبديلي جا مسئلا تيزي سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري ۽ پاڪستاني عوام جون بدلجندڙ ضرورتون ۽ موجوده دور جا اهم چئلينجز آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو ته علائقائي ۽ عالمي امن، علائقائي تعاون ۽ افهام و تفهيم ۾ اڳڀرائي لاءِ پارلياماني سفارتڪاري جي خاص اهميت آهي. فورم قومي اسيمبلي طرفان اسلام آباد ۾ ارڙهين اسپيڪرز ڪانفرنس جي ميزباني جي قدمن جي آجيان ڪندي عزم ڪيو ته پاڪستان جي آئين کي ملڪ جي اعليٰ ترين قانون طور برقرار رکڻ، ان جي موثر لاڳو کي يقيني بڻائڻ، ابهام کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ، رياستي ۽ غير رياستي ڌرين طرفان ان جي وقار کي مجروح ڪرڻ ۽ ڪنهن به خلاف ورزي ڪرڻ جو مقابلو ڪنداسين. پڌرائي ۾ ڪيل فيصلن ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ جي بالادستي، بنيادي حقن جي تحفظ ۽ جمهوري قدرن جي سمورين حڪومتي سطحن تي دفاع جو عهد ڪريون ٿا، تعميري سرگرمين، گڏيل افهام ۽ تفهيم ۽ احترام اختلاف راءِ جي بنيادي پارلياماني قدرن جي نواڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون ٿا. لاڳو پارلياماني اصول حڪومت جو پنهنجو نظريو ٿي سگهي ٿو پر مخالف ڌر کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو حق هجڻ گهرجي. ڪو پارلياماني جمهوريت جي بنياد طور ورجائيندي ان اصول کي يقيني بڻائڻ جو عزم ڪريون ٿا ته قانونسازي ۽ فيصلا سازي ۾ سمورين راين کي ٻڌو ۽ ان جو احترام ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته لاڳاپيل قانونساز ادارن جون سموريون توانايون، عوامي مسئلن جي حل ۽ پائيدار ترقي جي يقيني حاصلات تي خرچ ڪرڻ جو عزم ڪريون ٿا. اسپيڪر جي طئي ٿيل غير جانبدار ۽ ٽياڪڙي جو فرض سرانجام ڏيندي سمورين پارٽين جي وچ ۾ ڳالهين جي معاونت ڪرڻ تي متفق آهن ته جيئن پارلياماني اخلاقيات ۽ آداب جي منشور تي قومي اتفاق راءِ ڪري سگهجي ته جيئن قانونساز ادارن تي اعتماد ۽ ان جو وقار بحال ٿي سگهي. هن عزم جو اظهار ڪيو ويو ته آئين جي شق اي 9 جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قانونسازي ۽ پاليسي قدمن ذريعي ماحولياتي تبديلي ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏني ويندي. فورم قرار ڏنو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع قانونسازي ۽ پاليسي قدمن جي ڪوششن کي هٿي ڏني ويندي ته جيئن سمورن شهرين جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي. فورم عزم ڪيو ته موثر قانونسازي، نگراني ۽ عوامي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن قانونساز ادارن جي قاعدن ۽ ضابطن ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي ويندي. پارليامينٽ کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ بهترين عالمي طريقن موجب پارٽي جي چيف وهپ جي اداري کي سگهه ڏني ويندي ته جيئن پارلياماني پارٽين ۾ هم آهنگي ۽ نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائي سگهجي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ملڪ جي سمورين پارليامينٽس جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽين جي ايسوسيئيشن قائم ڪنداسين ته جيئن ملڪ ۾ مالياتي معاملن جي نگراني ۽ شفافيت کي مستحڪم ڪري سگهجي. عالمي ۽ علائقائي سطح تي تعاون، امن ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارلياماني سفارتڪاري مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪامن ويلٿ قومي گروپ جوڙينداسين جنهن کي پاڪستان ۾ قائم مستقبل سيڪريٽريٽ جي حمايت حاصل هوندي. فورم ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل تي زور ڀريو ۽ ڀارتي قابض فوج هٿان جاري ڏاڍ، قتل عام ۽ اجتماعي زيادتين سميت سمورن ظالماڻي ڏوهن جي پرزور مذمت، غير قانوني طور تي قيد ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سمورن اڳواڻن جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو. اسپيڪرز ڪانفرنس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو غزه ۾ جنگ بندي بابت پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد (2024ع) 2735 موجب اسرائيلي قابض فوج جي فوري نيڪالي، اسرائيل جي عالمي قانونن جي خلاف ورزين تي جوابدهي ۽ فلسطيني عوام کي بنا رڪاوٽ فلاحي امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي. فورم جامع قانونسازي ۽ پاليسي قدمن ذريعي نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، ٻارن سان لاڳاپيل مسئلن، پوليو، جبري پورهيو ۽ غذائيت جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪنداسين. فورم عورتن، ٻارن، ايس ڊي جيز ۽ نوجوانن تي پارلياماني فورمز کي هڪ جامع ۽ متفقه ضابطه عمل ۾ آڻڻ جي نشاندهي ڪندي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي پارلياماني ڪاڪس، پارلياماني ٽاسڪ فورس بڻائڻ، سمورن قانونساز ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ معلومات جي مٽاسٽا ۽ گڏيل وسيلن لاءِگڏيل صلاحيت کي واڌئڻ تي اتفاق ڪيو . اسپيڪرز ڪانفرنس پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ آءِ ٽي سڌارن ذريعي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اسپيڪرز ڪانفرنس سمورن معاشرتي طبقن سميت تعليمي ادارن، ميڊيا خاص ڪري پارلياماني رپورٽر ايسوسيئيشن، سول سوسائٽي، دانشورن، غير سرڪاري تنظيمن جي مک ڪردار، ايس ڊي جيز، نوجوان پارليامينٽرينز فورم ۽ ٻارن جي حقن جي پارلياماني ڪاڪس وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. فورم قانونسازي بابت تحقيق، پاليسي تي رهنمائي ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز جي بورڊ آف گورنرز کان سفارش ڪئي ته ان جي دائري ڪار کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي قانونسازي اسيمبلين جي معاونت لاءِ وڌايو وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي سمورن قانونساز ادارن جي سيڪريٽريز جي هڪ ايسوسيئيشن قائم ڪنداسين جنهن جي مرڪزي آفيس قومي اسيمبلي ۾ هوندي. آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر جي دعوت تي فيصلو ڪيو ويو ته 19 هين اسپيڪرز ڪانفرنس آزاد ڪشمير ۾ منعقد ٿيندي. فورم فيصلو ڪيو ته ٽه ماهي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ اسپيڪرز ڪانفرنس جي فورم جو باقاعده جائزو ورتو ويندو. پاڪستان جي قانونساز ادارن جي اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن باضابطه طور پنهنجي جمهوري قدرن، آئيني اصولن ۽ پاڪستاني عوام جي خواهشن کي براقرار رکڻ جو عزم ڪيو ۽ ان پڌرائي ذريعي پارلياماني ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي بهتر خدمت لاءِ تعاون، نواڻ ۽ شموليت کي هٿي ڏيڻ جو وچن ورجائيندي گڏيل اتفاق ۽ احترام سان 20 ڊسمبر 2024ع تي منظور ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ریل رش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں