لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلوبل پورٽل جاري ڪرڻ سان پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي ۽ انهن جو پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿي??دو، سمنڊ پار پاڪستانين ??ي جيستائين محفوظ ماحول فراهم نه ٿي??دو اهي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا، معيشت جي ترقي امن ۽ امان جي بهتر صورتحال ۽ قانون جي عملداري سان ڳنڍيل آهي، دولت ??ي پيداوار (ويلٿ ڪريئيشن) وسيلي ئي ملڪي معيشت ترقي ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيف سٽي اٿارٽي، دائره ڪار، ڪارڪردگي ۽ پوليس خدمت مرڪز جي گلوبل پورٽل جاري ڪرڻ تي بريفنگ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.