GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

نياڻين جي تعليم لاءِ پائيدار تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن، نياڻين کي معياري تعليم جي فراهمي سان معاشرو مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نياڻين لاءِ پائيدار تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن، نياڻين کي معياري تعليم جي فراهمي سان معاشرو مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو، سرندي وارا ۽ ڪاروباري ادارا نياڻين جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ قابل توسيع ۽ پائيدار موقعا تلاش ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪن، نياڻيون پنهنجي قابليت سان قومي ۽ عالمي معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار ”مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي ويهڪ ۾ مُک خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ۽ مقامي تنظيمن، سرندي وارين ڌرين سميت ڪاروباري ادارن تي زور ڀريو آهي ته اهي نياڻين جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ قابل توسيع ۽ پائيدار موقعا تلاش ڪرڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته نياڻين کي معياري تعليم جي فراهمي سان معاشرو مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو. هن چيو ته نياڻيون پنهنجي قابليت سان قومي ۽ عالمي معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لاءِ هڪ اعزاز آهي. وزيراعظم چيو ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ لکين نوجوان نياڻيون جاب مارڪيٽ ۾ داخل ٿينديون جنهن ۾ سماجي ترقي ۽ معاشي خوشحالي جا بي پناهه امڪان آهن. هن چيو ته نياڻين ۾ اها صلاحيت آهي ته اهي نه رڳو پاڻ کي پنهنجي خاندان ۽ قوم کي غربت مان ڪڍي سگهن ٿيون پر عالمي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل چئلينجز لاءِ حل تلاش ڪري سگهن ٿيون. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح قومي تعمير ۾ عورتن جي ڪردار جو پُرزور حامي هو. هن چيو ته ڪا به قوم ان وقت تائين عظمت جي بلندين تائين نٿي پهچي سگهي جيستائين ان جون عورتون مردن سان گڏ نه هجن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ڀرپور ميراث باوجود پاڪستان سميت مسلمان دنيا کي نياڻين لاءِ تعليم تائين برابري جي پهچ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم چئلينجز آڏو آهن. هن چيو ته نياڻين کي تعليم کان محروم، ڪرڻ انهن جي آواز کي ۽ چونڊ کان انڪار ڪرڻ برابر آهي، جڏهن ته کين روشن مسقبل جي حق کان محروم ڪرڻ به آهي. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ عورتون ڪل آبادي جي اڌ حصي کان به وڌيڪ آهن، ان باوجود عورتن جي خواندگي جي شرح صرف 49 سيڪڙو آهي جڏهن ته خطرناڪ حد تائين اٽڪل 22.8 ملين ٻار جن جون عمريون پنج کان اٺن سالن وچ ۾ آهن اهي اسڪول کان ٻاهر آهن جن ۾ نياڻين جو وڏو انگ آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ناڪافي انفرااسٽرڪچر حفاظتي خدشن سان گڏوگڏ ڪجهه سماجي روايتن به هن مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليمي فرق کي ختم ڪرڻ طرف هڪ وڏو قدم دانش اسڪولن جو قيام هو جيڪو ٻهراڙي ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ غير مراعت يافته ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايل هڪ منفرد قدم آهي. هن چيو ته ان قدمن کي هاڻي پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن سان هڪ حوصلي واري ۽ وڌيڪ جامع مستقبل جي راهه هموار ٿي رهي آهي. هن تقريب ۾ دانش اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري فارغ ٿيندڙ شاگردن جي موجودگي تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته انهن جي موجودگي انهن جي ڪوششن ۽ اجتماعي خواب جي تعبير جي گواهي آهي، ڇاڪاڻ ته هي اميد ۽ قوم جي روشن مستقبل کي جوڙي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته فليگ شپ يوٿ پروگرام ذريعي حڪومت معياري تعليم فراهم ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جنهن ۾ هٿرادو ذهانت، ڊيٽا ايناليٽڪس ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فراهمي ۽ اعليٰ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپ جي فراهمي سميت پيشيوراڻي تربيت شامل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان تي لازمي آهي ته اسان پنهنجي مائرن ڀينرن لاءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته انهن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي، انهن جي ارادن جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪا به ثقافتي رڪاوٽ انهن جي خوابن کي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجي. وزيراعظم چيو ته علم جي حاصلات صنف کان مٿانهون ٿي هر مسلمان لاءِ هڪ اهڙو مقدس فرض آهي جنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم زور ڀريو آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ شاهد آهي ته عورتن جي همت، عزم ۽ استقلال جي گواهي ڏني وئي جن پنهنجي لاءِ مختص شعبن ۾ ترقي ڪئي، معاشرتي غلامي جون زنجيرون ٽوڙيون ۽ اسلامي تاريخ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي معاشري تي پنهنجا اڻمٽ نشان ڇڏيا. هن حضرت بي بي خديجه رضي الله عنه جو حوالو به ڏنو جيڪا هڪ ڪامياب ڪاروباري عورت ۽ متاثر ڪندڙ مثال آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مادر ملت محترمه فاطمه جناح تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻي ڪندي پنهنجي ڀاءُ قائداعظم محمد علي جناح سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي هئي. هن اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، وزيراعظم مرحومه ارفع ڪريم جو به ذڪر ڪيو جنهن 9 سالن جي عمر ۾ مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل طور تاريخ رقم ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعليٰ مريم نواز جهڙي متحرڪ سياسي اڳواڻ به صوبي جي قيادت ڪري رهي آهي ۽ عورتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۾ مسلسل حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪانفرنس جي حمايت ۽ سرپرستي تي خادمين حرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جو ٿورو مڃيو. هن تعليم جي شعبي لاءِ خدمتن تي مسلم ورلڊ ليگ جو به ٿورو مڃيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مقصدن ۽ امت جي اجتماعي امنگن جي عڪاسي ڪندي اسلام آباد پڌرنامي تي صحيحون ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر حسين ابراهيم طحه چيو ته خوبصورت شهر اسلام آباد ۾ مسلم امت ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت جو موقعو فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن فلسطين ۾ عورتن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ملڪي مشڪلاتن ۽ گهريلو مجبورين سبب عورتن جي تعليم کان محرومي ڳڻتي جو سبب آهي، عالمي برادري کي گهرجي ته هو فلسطين ۾ ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. رابطه عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، او سي جي سيڪريٽري جنرل سميت ٻين شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته اسلام ۾ تعليم، خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻو زور ڀريو ويو آهي. هن چيو ته نياڻين کي بنا خوف ۽ رڪاوٽ جي تعليم جا برابري جا موقعا ملڻ گهرجن. اڄ اسان پاڪستان ۾ گڏ آهيون، اسلام جو پيغام ڪنهن صنفي فرق کانسواءِ علم جو آهي، مذهب، سياست ۽ معاشيات سميت سمورن شعبن ۾ عورتن مسلم امت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي، ان ۾ مرد ۽ عورت جي ڪا به قيد ناهي. هن چيو ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ بنيادي اهميت واري آهي ۽ تعليم ئي ترقي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته اسلامي شريعت ۽ قانون ۾ عورتن جي حقن خاص ڪري علم جي حاصلات جي حق جو تحفظ ڪيو ويو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد پڌرنامو نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مسلمان امت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو ته تعليم هر فرد جو بنيادي حق آهي، استادن جي تربيت، مفت تعليم ۽ سفري سهولتون ۽ آن لائن تعليم جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي نياڻين ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته مسلم معاشري ۾ نياڻين جي اڪثريت تعليم جي حق کان محروم رهجي وڃي ٿي ان جو وڏو سبب ڪلچر ۽ مذهب جي غلط تشريح آهي، هن چيو ته اسان کي تعليم کي پنهنجو ورثو سمجهڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي جنهن سبب پاڪستان ۾ تعليم جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جي تعليم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته عورتن جي تعليم لاءِ چئلينجز وڏا آهن پر ان سان گڏ موقعا به بي شمار آهن. هن چيو ته عورتن جي تعليم کي قومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لازمي حصو بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته هو اهڙي معاشري ۾ وڌي ويجهي جتي صنفي فرق عام هو، جتي نياڻين کي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب پيدا ڪيو ۽ اڄ آئون ان مقام تي آهيان جتي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهيان. ان موقعي تي او آءِ سي ۽ رابطا عالم اسلامي، نياڻين جي تعليم لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي قيام لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون به ڪيون ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ۽ رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي ايم او يو تي صحيحون ڪيون. واضح رهي ته ڪانفرنس ۾ 47 مسلم ۽ دوست ملڪن جي وزينر، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرن نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.

مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں